پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جوچوڻ آهي ته انگلينڊ خلاف ٽين ٽيسٽ ۾ مجموعي طورتي ٽيم جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي،صرف هڪ ٻن سيشن سبب انگلينڊ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي

Misbah-Ul-haq-Cricket-3816

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جوچوڻ آهي ته انگلينڊ خلاف ٽين ٽيسٽ ۾ مجموعي طورتي ٽيم جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي،صرف هڪ ٻن سيشن سبب انگلينڊ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

انگلينڊ جي شهر برمنگهم جي شهر ايجبسٽن ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته ٽين ميچ ۾ شڪست تي مايوس ٿيڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي.

هن وڌيڪ چيو ته مايوس ٿيڻ جي ڳالهه نه آهي ۽راند ۾ اڪثر ايئن ٿيندو رهندو آهي.

قومي ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته انگلش ٽيم جي بالرز جي ريورس سوئمنگ کي بيٽسمين سمجهي نه سگهيا،جنهن سبب ٽيم کي شڪست ملي.

سندس چوڻ هوته آخري ڏينهن هڪ ٻن سيشن ۾ انگلينڊ جي ٽيم سٺي کيڏي، جنهن سبب ٽيم کي شڪست ملي.

هن وڌيڪ چيو ته سيريز جي آخري ٽيسٽ ميچ ۾ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ رانديگرن کي پنهنجي غلطين تي ضابطو آڻڻو پوندو،جنهن بعد ئي ٽيم کي فتح ملي سگهي ٿي.

واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ چار ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ۽آخري ٽِيسٽ ميچ 11 آگسٽ کان اوول ۾ شيڊيول آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*