ڪوٽ غلام محمد ويجهو سامارو، ڪنري ۽ عمرڪوٽ ويندڙ مين روڊ هڪ هنڌان ٽٽي ويو

KGM-Road-8816

ڪوٽ غلام محمد ويجهو سامارو، ڪنري ۽ عمرڪوٽ ويندڙ مين روڊ هڪ هنڌان ٽٽي ويو آهي، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي، رهواسين جو چوڻ آهي ته غير معياري مٽيريل استعمال ٿيڻ ڪري روڊ ٽٽي پيو آهي.

برسات سبب شگر مل وٽان ڪنري، سامارو ۽ عمرڪوٽ ويندڙ مين روڊ وچان ٽٽي پيو آهي، جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.

  علائقي واسين جو چوڻ آهي  ته تازو ٺهيل روڊ ۾ انتظاميه پاران غير معياري مٽيريل استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري روڊ ٽٽي پيو آهي.

رهواسين مطالبو ڪيو ته ڪرپشن ڪندڙ عملدارن خلاف ڪاررروائي ڪري روڊ جو فوري طور مرمتي ڪم شروع ڪرايو وڃي،ٻي صورت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*