پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل سڀئي اسان جا ڀائر ۽ ڀينر آهن

Bilawal-8816

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل سڀئي اسان جا ڀائر ۽ ڀينر آهن، دهشتگرد اسپتالن، اسڪولن ۽ عوامي هنڌن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، سندن ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائينداسين.

بلاول هائوس ڪراچي مان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ۾ بلوچستان بار ايسوسيئيشن جي صدر انور ڪاسِي جي قتل ۽ بم ڌماڪي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي شهيد ٿيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دهشتگردي جي واقعي سبب سڄي ملڪ ۾ ڏک جي لهر پکڙيل آهي، شهيد ٿي ويل سمورا اسان جا ڀائر ۽ ڀينر آهن.

پ پ چيئرمين پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ سڄي قوم متحد آهي ۽ سڀئي ڏک جي گهڙيءَ ۾ متاثر ڪٽنبن سان گڏ بيٺل آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بلوچستان حڪومت زخمين کي بهتر طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطو ڪري سگهي ٿي، کين سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*