پشاور سانحي تي قوم متحد ٿي وئي آهي قوم کي سمجهڻ گهرجي ته ملڪ جو وفادار ڪير آهي رشيد گوڊيل

قومي اسيمبلي ۾ متحده جي ڊپٽي پارلياماني اڳواڻ رشيد گوڊيل چيو ته پشاور سانحي کانپوءِ قوم متحد ٿي وئي آهي، قوم کي سمجهڻ گهرجي ته ملڪ جو وفادار ڪير آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي رشيد گوڊيل چيوته اڄ قومي اسيمبلي ۾ اهم بل منظور ٿيو آهي ۽ هاڻي ملڪ منزل تي پهچي قائد اعظم جو پاڪستان بڻجندو هن چيو ته دهشتگرد اسلام جو نالو وٺن ٿا پر اهي مسلمان نه آهن.

رشيد گوڊيل چيو ته کين اميد آهي ته پاڪستان کي دهشتگردن کان ڇوٽڪارو ملندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*