آرمي چيف جنرل راحيل شريف سول اسپتال پهچي زخمين عيادت ڪئي

Raheel-sharif-8816

وزيراعظم نواز شريف ڪوئيٽا ڌماڪي کانپوءِ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال جي جائزي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو، آرمي چيف جنرل راحيل شريف  سول اسپتال پهچي زخمين عيادت ڪئي.

پي ايم هائوس جي ترجمان موجب، وزير اعظم نواز شريف ڪوئيٽا ڌماڪي کانپوءِ سموريون مصروفيتون ملتوي ڪندي بلوچستان جي صورتحال بابت اجلاس طلب ڪيو آهي.

اجلاس ۾ آرمي چيف جن راحيل شريف ۽ ڪور ڪمانڊر بلوچستان، وڏو  وزير نواب ثناءُ الله زهري ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا، جنهن ۾ ڌماڪي کانپوءِ واري صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي.

ٻئي پاسي آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪوئيٽا جي سول اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي، جنهن دوران هن سندن بلند حوصلن جي ساراهه ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب، جنرل راحيل شريف واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر  جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار پهچي سينيئر وڪيلن سان ملاقات ڪئي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگردن کي چٿڻ جو عزم ورجائيندي زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*