قمبر شهر ٻاهران گندگي پاڻي جي نيڪال واري سم نالي تي بااثر شخصيتن طرفان قبضو ڪري نيڪال جو سسٽم بند ڪرڻ واري عمل خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو

vlcsnap-2016-08-08-16h16m23s172

قمبر شهر ٻاهران گندگي پاڻي جي نيڪال واري سم نالي تي بااثر شخصيتن طرفان قبضو ڪري نيڪال جو سسٽم بند ڪرڻ واري عمل خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شهرين انور مغيري فدا حسين مغيري اشرف گوپانگ ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو.

اڳواڻن چيو ته علائقي جي بااثر ماڻهن شهر جي گندي پاڻي واري سم شاخ کي بند ڪري شهرين کي عذاب ۾ مبتلا ڪري آهي.

 هنن چيو ته شاخ بند هجڻ سبب گندو پاڻي زرعي زمينن ۾ ڪاهي پيو آهي ۽ پاڻي جي سطح وڌي وڃڻ سبب مرغي فارم  به گندي پاڻي هيٺ آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سم شاخ تان بااثرن جو قبضو ختم ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*