سکر ۾ بجلي جي بندش خلاف بچل شاهه مياڻي جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو اختيارين خلاف نعريبازي ڪئي

suk load protest

سکر ۾ بجلي جي بندش خلاف بچل شاهه مياڻي جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو  اختيارين خلاف نعريبازي ڪئي.

بچل شاهه مياڻي جي رهواسين اشفاق ميراڻي، غوث بخش شيخ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باءِ پاس تي ڌرڻو  هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيوئ

مظاهرين چيو ته گذريل ٽن مهينن کان بچل شاهه مياڻي واري علائقي جي بجلي بند آهي، جنهن ڪر  ي رهواسي عذاب ڀوڳي رهيا آهن.

هنن چيو ته بل ادا ڪرڻ باوجود سيپڪو عملدار علائقي جا ٽرانسفارمر لاهي کڻي ويا آهن، بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته علائقي جي بجلي فوري طور بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو واڌايو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*