ڪوئيٽا سانحي خلاف سپريم ڪورٽ بار ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي اڄ ملڪ گير سوڳ ملهايو پيو وڃي

Quetta-Blast-Sog-9816

ڪوئيٽا سانحي خلاف سپريم ڪورٽ بار ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي اڄ ملڪ گير سوڳ ملهايو پيو وڃي، سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊا نويل آهن، ڪوئيٽا ۾ تدريسي عمل معطل آهي. جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن.

سپريم ڪورٽ بار ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي ملڪ ۾ 3 ڏينهن ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي 7 ڏينهن لاءِ سوڳ ملهايو پيو وڃي.

سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊا نويل آهن، وڪيلن پاران مڪمل هڙتال ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ تدريسي عمل مڪمل طور تي معطل آهي.

بلوچستان حڪومت طرفان 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اڄ سوڳ ملهايو پيو وڃي.

پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي حيدرآباد ۾ هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ٻين ماتحت عدالتن ۾  ڪارروائن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪوئيٽا سانحي خلاف لاڙڪاڻي ۾ وڪيلن پاران هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ، سٽي ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري بابو سرفراز جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻاهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

عمرڪوٽ ۾ ڪوئيٽا سانحي خلاف بار ايسوسئيشن پاران  عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري اظهر آرائين، پرشوتم کتري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ٽنڊو الهيار ۾ بار ڪائونسل پاران سيشن ڪورٽ، سول ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن جو بائيڪاٽ ڪري وڪيلن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ميهڙ ۾ ڪوئيٽا سانحي خلاف ايڊيشنل، سول ڪورٽ ۽ فيملي ڪورٽ ۾ وڪيلن بائيڪاٽ ڪري گل حسن مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو …………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*