ڪوئيٽا پوليس هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل بلوچستان بار جي صدر بلال انور ڪانسي جو قتل ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪرڻ بعد سرچ آپريشن ڪري 10 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

Quetta-Blast-9816

ڪوئيٽا پوليس هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل بلوچستان بار جي صدر بلال انور ڪانسي جو قتل ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪرڻ بعد سرچ آپريشن ڪري 10 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جن کي پڇا ڳاڇا لاءِ کين ڳجهي هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

ايڊووڪيٽ بلال انور ڪانسي جي ڀاءُ جي شعيب احمد ايڊووڪيٽ جي مدعيت ۾ صدر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

صدر ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته فرياديءَ قتل ڪيس ۾ ڪنهن به سڃاتل جوابدار کي نامزد نه ڄاڻايو ۽ نه وري ڪنهن تي شڪ ظاهر ڪيو، ان ڪري قتل ڪيس اڻڄاتل جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب بلوچستسان بار جي صدر بلال انور ڪانسي جي قتل کان پوءِ اخروٽ آباد سميت مختلف علائقن ۾سرچ آپريشن ڪري 10 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.

ياد رهي ته انور ڪانسي کي گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۾ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ بلال انور ڪانسي جو مڙهه جڏهن سول اسپتال آندو ويو هو ته دهشتگردن اسپتال اندر ڌماڪو ڪيو، جنهن۾71 ماڻهو مارجي ويا هئا……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*