عملي طور سول سوسائٽي ۽ سيڪيولر ادارا هڪ آهن حمزه شهباز

نوازليگ ايم اين اي حمزه شهباز چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ کٽڻي آهي ۽ اڄ سياسي پارٽين عقلمندي جو ثبوت ڏنو آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزه شهباز چيو ته 21هين آئيني ترميم جو بل منظور ٿيڻ سان حڪومت ۽ قوم ڪامياب ٿي آهي.

هن چيو ته هاڻي اڳتي وڌڻو آهي عملي طور قوم سول سوسائٽي ۽ سيڪيولر ادارا هڪ آهن.

حمزه شهباز چيو ته ملڪ کي دهشتگردي جي ڪينسر کان پاڪ ڪرڻو آهي ۽ دهشتگردن خلاف جنگ هر صورت ۾ کٽڻي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*