وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي سٽي ڪورٽي پهچي ڪوئيٽا سانحي تي وڪيلن سان تعزيت ڪئي ۽ سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو

Cm-Law-College-Visit-Karachi-9816

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي سٽي ڪورٽي پهچي ڪوئيٽا سانحي تي وڪيلن سان تعزيت ڪئي ۽ سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو، ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر وڏي وزير کي سڪيورٽي جي حوالي سان بريفنگ ڏني.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مراد علي شاهه ڪوئيٽا سانحي تي وڪيل سان ايڪي جي اظهار لاءِ ڪراچي جي سٽي ڪورٽ پهچي ويو.

Murad-Ali-Shah-Cabnet-9816

وڏي وزير وڪلين سان ملاقات ڪري ڪوئيٽا سانحي تي تعزيت ڪئي ۽ سٽي ڪورٽ ۾ سڪيورٽي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو.

ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر وڏي وزير کي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني.

وڏو وزير مراد علي شاهه بعد ۾ ڊي جي سائنس ڪاليج پهتو، جتي کيس پرنسپال پاران بريفنگ ڏني وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*