ترڪ صدر طيب اردگان ناڪام بغاوت کان پوءِ پهريون دفعو اهم دوري تي روس پهچي رهيو

president-Recep-Tayyip-Erdogan's-visit-to-Russia-9816

ترڪ صدر طيب اردگان ناڪام بغاوت کان پوءِ پهريون دفعو اهم دوري تي  روس پهچي رهيو آهي، جتي هو پنهنجي هم منصب ولاديمير پيوٽن سان  ملاقات ڪندو، ترڪ صدر طيب اردگان جو چوڻ آهي ته دوري سان ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن جو نئو باب شروع ٿيندو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪ صدر رجب طيب اردگان اڄ اهم دوري تي  روس جي گادي واري شهر ماسڪو  پهچي رهيو آهي ، جتي هو پنهنجي هم منصب ولاديمئر پيوٽن سان اهم ملاقات ڪندو.

  پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ ترڪ صدر ناڪام بغاوت کانپوءِ روس  پاران مدد فراهم ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ويندو

انقرو ائيرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ترڪ صدر جو رجب طيب اردگان جو چوڻ آهي ته هو جهموريت جي حمايت ڪرڻ روس جا ٿورائتا آهن ، سندس دوري سان ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا.

 پرڏيهي ميڊيا موجب طيب ارد گان جو چوڻ هو ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن پاران مدد فراهم ڪرڻ تي روسي صدر جو شڪر گّذار آهيون .

 پرڏيهي ميڊيا موجب   ترڪ صدر طيب اردگان جو چوڻ هو ته روس جي دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جو نئون باب شروع ٿيندو.

ترڪ صدر رجب طيب اردگان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ترڪي ۾پهرين نيو ڪليئر پاور پلانٽ ٺاهڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون گيس منصوبي تي ڳالهايو ويندو، معاهدي جوڪوبه  امڪان ناهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*