سيوهڻ ۾ هٿيار بندن فائرنگ ڪري بوبڪ ٿاڻي جي اي ايس آءِ کي شهيد ڪري ڇڏيو، پوليس پنجن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

Sehwan-ASI-Shaheed-9816

سيوهڻ ۾ هٿيار بندن فائرنگ ڪري بوبڪ ٿاڻي جي اي ايس آءِ کي شهيد ڪري ڇڏيو، پوليس پنجن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 کوسا پاڙي ۾هٿيار بندن فائرنگ ڪري بوبڪ ٿاڻي جي اي ايس آءِ نياز حسين پنهور کي سخت زخمي ڪيو، جنهن اسپتال نئيندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته چوري واري معاملي تان منهن ماري ٿيڻ بعد جوابدارن حملو ڪري اي ايس آءِ کي شهيد ڪيو آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدار غلام حسين رند، عطا محمد رند سميت 5 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري جوابدار عطا محمد رند، سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*