صنعت ۽ واپار واري وزير منظور وساڻ سائيٽ آفيس جي اوچتي دوري دوران ايم ڊي سائيٽ غلام مجتبيٰ جويو سميت 70 سيڪڙو ملازم غير حاضر هئڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

Manzoor-wasah-9816

صنعت ۽ واپار واري وزير منظور وساڻ سائيٽ آفيس جي اوچتي دوري دوران ايم ڊي سائيٽ غلام مجتبيٰ جويو سميت 70 سيڪڙو ملازم غير حاضر هئڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندن پگهارون روڪڻ ۽ شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

صوبائي وزير منظور وساڻ سائيٽ آفيس جو اوچتو دورو ڪري ملازمن جي حاضري ڏٺي.

صوبائي وزير جي دوري دوران سائيٽ آفيس ۾ 914 ملازمن مان رڳو 308 ملازم موجود هئا ۽ ايم ڊي سائيٽ غلام مجتبيٰ جويو پڻ غير حاضر هو.

صوبائي وزير بائيو ميٽرڪ ڊيٽا فراهم نه ڪرڻ تي ڪلارڪ، سيڪريٽري سائيٽ آغا فخر ۽ ڊپٽي چيف انجنيئر عبدالمالڪ ڀٽي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

صنعت ۽ واپار واري وزير منظور وساڻ ايم ڊي سائيٽ غلام مجتبيٰ جويو سميت غير حاضر سمورن ملازمن شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ سندن پگهارون روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*