اليڪشن ڪميشن، وزير اعظم جي ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف درخواست تي ڌرين کي 17 آگسٽ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

Safdar-Election-9816

اليڪشن ڪميشن، وزير اعظم جي ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف درخواست تي ڌرين کي 17 آگسٽ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردرا رضا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي 3 رڪني بينچ وزير اعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي وڪيل دليل ڏنا ته اليڪشن ڪميشن کي ڪيپٽن صفدر خلاف درخواست ٻڌڻ جو اختيار نه آهي، تنهنڪري معاملو لاڳاپيل فورم حوالي ڪيو وڃي.

تحريڪ انصاف جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي ڪرپشن بابت ثبوت موجود آهن، جيڪي اليڪشن ڪميشن ۾پيش ڪيا ويندا.

اليڪشن ڪميشن ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 17 آگسٽا تائين ملتوي ڪري ڇڏي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*