سعودي عرب ٻه ڀيرا حج يا عمر ڪندڙ تي فيس لاڳو ڪري ڇڏي

HAJJ-9816

سعودي عرب ٻه ڀيرا حج يا عمر ڪندڙ تي فيس لاڳو ڪري ڇڏي، سعودي حڪومت موجب ٻيو ڀيرو حج ڪندڙن لاءِ ٽرانزٽ ويزا جي فيس 300 ريال ۽ بندرگاهن جي فيس 50 ريال مقرر ڪئي وئي، پهرين ڀيرو حج يا عمر ڪندڙن تي ڪابه فيس لاڳو نه ٿيندي.

سعودي عرب ڪابينا جو حج ۽ عمر جي پاليسي جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻيو ڀيرو حج يا عمرو ڪندڙن تي فيس مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

سعودي اختيارين موجب سعودي عرب لاءِ ٽرانزٽ ويزا جي فيس 300 ريا ۽ بندرگاهن تي ويزا فيس 50 ريا مقرر ڪئي وئي آهي.

سعودي حڪومت موجب پهريون ڀيرو عمري يا حج لاءِ ايندڙن تي ڪابه فيس لاڳو نه ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*