دهشتگرد رياست ۽ معاشري تي مدي خارج نظريا مڙهڻ چاهين ٿا، عوام کي نشانو بڻائيندڙن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو, وزير اعظم نواز شريف

Nawaz-Balor-9816

وزير اعظم نواز شريف، چيو آهي ته دهشتگرد رياست ۽ معاشري تي مدي خارج نظريا مڙهڻ چاهين ٿا، عوام کي نشانو بڻائيندڙن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف سان عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ غلام احمد بلور ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪوئيٽا سانحي کانپوءِ واري صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪوئيٽا سانحو دهشتگردن جي بزدلاڻي ڪارروائي آهي، قوم جي سهڪار سان انتهاپسندن کي شڪست نصيب ٿيندي.

نواز شريف چيو ته دهشتگرد رياست ۽ معاشري تي پنهنجا ناقص نظريا مڙهڻ چاهين ٿا، هٿين خالي شهرين کي شهيد ڪندڙ انسانيت جا دشمن آهن.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان مضبوط، مستحڪم ۽ ترقي ڏانهن وڌي رهيو آهي، حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ  لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*