لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي يورولاجي وارڊ ۾ ڊائلاسز جي ويڪسين ختم ٿي وئي مريض سخت پريشان

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي يورالاجي وارڊ ۾ ڊائلاسز جي ويڪسين ختم ٿي وئي آهي، جنهن سبب ڊائلاسز جا مريض زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن.

يورالاجي وارڊ ۾ ڊائلاسز جي   ويڪسين ختم ٿي وئي آهي، جنهن سبب مريضن جي ڊائلاسز وارو عمل رڪجي ويو آهي.

ڊاڪٽرز موجب ڊائيسالوشن ويڪسين نه هئڻ سبب سموريون مشينون بند پيل آهن ۽ ڊائلاسز نٿو ٿي سگهي.

انتظاميا جو چوڻ آهي ته ويڪسين ختم ٿيڻ بابت صحت کاتي کي لکيو ويو آهي، پر هيل تائين ويڪسين ناهي ملي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*