ڪيٽي بندر جي کوڀر ڪريڪ وٽ سمنڊ ۾ هوڙو اونڌو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 12 مهاڻا ٻڏي ويا

Thatta-kehti-Bandargha-9816

ڪيٽي بندر جي کوڀر ڪريڪ وٽ سمنڊ ۾ هوڙو اونڌو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 12 مهاڻا ٻڏي ويا، مقامي ملاحن پاران سندن ڳولا جاري آهي، فشر فوڪ فورم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻڏي ويل مهاڻا کارو ڇاڻ جا رهواسي آهن، جيڪي مڇي جو شڪار ڪرڻ لاءِ سمنڊ ۾ ويا هئا.

ڪيٽي بندر جي کوڀر ڪريڪ وٽ سمنڊ ۾ هوڙو اونڌو ٿيڻ جي نتيجي ۾ مڇي جي شڪار لاءِ ويل  12 مهاڻا ٻڏي ويا آهن.

فشر فوڪ فورم جي مرڪزي اڳواڻ گلاب شاهه جو چوڻ آهي ته ٻڏي ويلن ۾ صدام، حسين، مبارڪ، يامين، يوسف ۽ بلاول ڪاتيار سميت ٻيا شامل آهن.

فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٻڏي ويل سمورا مهاڻا کاروڇاڻ واري علائقي جا رهواسي آهن، جيڪي گذريل ڏينهن مڇي جي شڪار لاءِ سمنڊ ۾ ويا هئا………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*