وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي آغا خان اسپتال پهچي ڪوئيٽا سانحي جي 27 زخمين جي عيادت ڪئي

Murad-Ali-Shah-Visit-Hospital-9816

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي آغا خان اسپتال پهچي ڪوئيٽا سانحي جي 27 زخمين جي عيادت ڪئي، وڏي وزير سمورن زخمين جي علاج جو خرچ ڀرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ جو عوام بلوچ عوام جي تڪليف کي محسوس ڪري ٿو، دهشتگرديءَ جو سڀني کي گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو.

وڏو وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ پهتو، جتي ڪوئيٽا سانحي جي داخل 27 زخمين سان ملاقات ڪري سندن خيريت معلوم ڪئي.

عيادت دوران هڪ مريض وڏي وزير کي مخاطب ٿي چيو ته اوهان کي روزانو ٽي وي تي ڏسندا آهيون، جنهن تي مراد علي شاهه پڇيو ته ڀلا منظور وساڻ کي ڏسندا آهيو؟ مريض وراڻيو ته منظور وساڻ جي خوابن جي حوالي سان ٻڌندا رهندا آهيون.

وڏي وزير سمورن زخمين جي علاج جو خرچ ڀرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سنڌ جو عوام بلوچ عوام جي تڪليف کي محسوس ڪري ٿو، دهشتگردي خلاف جنگ  گڏجي وڙهي ويندي.

ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مراد علي شاهه سٽي ڪورٽ جو دورو ڪري ڪوئيٽا سانحي تي وڪيل سان ايڪي جي اظهار ڪيو ۽ سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر وڏي وزير کي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني.

وڏو وزير مراد علي شاهه بعد ۾ ڊي جي سائنس ڪاليج پهتو، جتي کيس پرنسپال پاران بريفنگ ڏني وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*