بلوچستان جَي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري چيو ته دهشتگرد هٿين خالي شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، رياست جي دشمنن کي جيئرو نه ڇڏيو ويندو

Nawab-Sanaulllah-9816

بلوچستان جَي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري چيو ته دهشتگرد هٿين خالي شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، رياست جي دشمنن کي جيئرو نه ڇڏيو ويندو.

وڏي وزير ثناءُ الله زهري بلوچستان هاءِ ڪورٽ پهچي چيف جسٽس محمد نور مسڪانزئي سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ڪوئيٽا سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي روح کي ثواب پهچائڻ ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري وئي.

وڏي وزير ثناءُ الله زهري چيو ته رياست جي دشمنن کي جيئرو رهڻ جو حق نه آهي، کين ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته معصوم شهرين کي قتل ڪندڙن کي سندن انجام تائين پهچايو ويندو، قوم جي سهڪار سان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ دشمن کي عبرتناڪ شڪست نصيب ٿيندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*