پنجاب پوليس صوبي اندر ٻارن جي اغوا وارن اڪثر واقعن کي ڪوڙو قرار ڏيندي رپروت وڏي وزير شهباز شريف کي پيش ڪري ڇڏي آهي

childrn agwa

پنجاب پوليس صوبي اندر ٻارن جي اغوا وارن اڪثر واقعن کي ڪوڙو قرار ڏيندي رپروت وڏي وزير شهباز شريف کي پيش ڪري ڇڏي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي حڪم تي پوليس صوبي اندر ٻارڙن جي گمشدگي واري معاملي جي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي.

پوليس رپورٽ ۾ صوبي اندر ٻارن جي اغوا وارن اڪثر واقعن کي ڪوڙو قرار ڏيندي ڄاڻايو آهي ته هلندڙ سال 767 ٻار گم ٿيا هئا، جن مان 722 ٻار هٿ ڪيا ويا.

رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته گم ٿيل وڌيڪ ٻارڙن جي ڳولا لاءِ ڪوششون تيز ڪيو ويون آهن، جلد کين وارثن سان ملايو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*