پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ شهرين هڪ ماءُ کان مبينا طور ٻار ڦرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي سوگهو ڪري ڪٽڪو ڏنو، پوليس پاران جوابدار کي تحويل ۾ وٺڻ تي شهري مڇرجي پيا

faislabad

پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ شهرين هڪ ماءُ کان مبينا طور ٻار ڦرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي سوگهو ڪري ڪٽڪو ڏنو، پوليس پاران جوابدار کي تحويل ۾ وٺڻ تي شهري مڇرجي پيا.

فيصل آباد ۾ جوابدار عورت کان سندس ٻار ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران شهرين کيس پڪڙي ڪٽڪو ڏنو.

اطلاع تي پوليس پهچي جوابدار کي تحويل ۾ ورتو، جنهن دوران شهري مڇرجي پيا ۽ اهلڪارن کي پٿراءُ ڪيو ويو.

پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن دوران ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*