چوڌري نثار جو حافظ طاهر اشرفي سان فون تي رابطو آئيني ترميم بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر اشرفي سان فون تي رابطو ڪري آئيني ترميم بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار رابطي دوران پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين کي آئيني ترميم تي اعتماد ۾ وٺڻ جي خاطري ڪرائي.

گهرو وزير جو چوڻ هو ته آئيني ترميم جو مقصد مسجدن، مدرسن ۽ ديني درسگاهن کي ٽارگيٽ بڻائڻ نه آهي، جلد مذهبي اڳواڻن جو اجلاس سڏائي کين اعتماد ۾ ورتو ويندو.

حافظ طاهر اشرفي جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هو حڪومت سان گڏ آهن، اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ديني مدرسا دهشتگردي کي هٿي ڏين پيا، جنهن ۾ ڪابه صداقت نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*