سنڌيونيورسٽي جي ملازم يونين سيوا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي

hy uni

سنڌيونيورسٽي جي ملازم يونين سيوا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته مطالبا تسليم نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

 سيوا ملازمن محمد علي گهانگهرو، امداد کوسو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

اڳواڻن چيو ته احتجاج باوجود رٽائرڊ ۽ فوتي ملازمن جي اولاد کي نوڪريون، چوڪيداري الائونس ۽ ڪچن ملازمن کي پڪو ناهي ڪيو ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته سندن جائز مطالبا فوري طور تسليم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*