ڪنڊيارو ۾ بجلي جو سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف اسڪولي شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان دوران 4 شاگرد بيهوش ٿي پيا

sepco protest

ڪنڊيارو  ۾ بجلي جو سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف اسڪولي شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان دوران 4 شاگرد بيهوش ٿي پيا.

شهباز ڪالوني جو سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف شاگردن ۽ استادن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج دوران 4 ساگرد گرمي سبب بيهوش ٿي ويا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان علائقي جو سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل ناهي ڪيو ويو، جنهن ڪري اسڪولي ٻارڙا تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته ٽرانسفارمر فوري طور تبديل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*