اسلام آباد جي عدالت، جاسوسي جي الزام هيٺ گرفتار آمريڪي شهري ميٿيو بيرٽ کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي

american

اسلام آباد جي عدالت، جاسوسي جي الزام هيٺ گرفتار آمريڪي شهري ميٿيو بيرٽ کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ميٿيو جو چوڻ آهي ته کيس هيوسٽن مان پاڪستاني سفارتخاني ويزا جاري ڪئي، هو غير قانوني طور پاڪستان نه آيو آهي.

وفاقي جاچ اداري جي عملدارن جاسوسيءَ جي الزام هيٺ گرفتار آمريڪي شهري ميٿيو بيرٽ کي اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدر آمريڪا ۾ به گرفتار ٿيڻ سان گڏ جيل به وڃي چڪو آهي.

ميٿيو جو چوڻ هو ته کيس هيوسٽن مان پاڪستاني سفارتخاني ويزا جاري ڪئي، هو غير قانوني طور پاڪستان نه آيو آهي، عدالت سندس پاسپورٽ چيڪ ڪري سگهي ٿي.

عدالت، جاسوسي جي الزام هيٺ گرفتار آمريڪي شهري ميٿيو بيرٽ کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*