ملير ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پنجاب واسي هڪ ڄڻو مارجي ويو

karachi mudr

ملير ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پنجاب واسي هڪ ڄڻو مارجي ويو.

ڀينس ڪالوني ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.

پوليس لاش تحويل ۾ وٺي جناح اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندس پنجاب واسي بدرالزمان طور سڃاڻپ ڪئي وئي.

لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*