موهن جو دڙو ۽ “رستم” جمعي تي رليز ٿينديون

MOHAN-JO-DARO-RUSTOM10816

هلندڙ هفتي بالي ووڊ جي ٻن اسٽارز ريتڪ روشن ۽ اڪشي ڪمار ۾ باڪس آفيس تي دنگل ٿي رهيو آهي.

ريتڪ روشن جي سنڌوءَ سڀيتا جي پس منظر ۾ ٺهيل بالي ووڊ فلم “موهن جو دڙو” جمعي تي رليز ڪئي پئي وڃي.

“موهن جو دڙو” هڪ هاري نوجوان ۽ پوڄاري جي ڌيءَ جي پريم ڪهاڻي آهي. فلم ۾ مک ڪردار ريتڪ روشن ۽ پوجا هـــَيگڙَي نڀايا آهن. فلم جي موسيقي اي آر رحمان ڏني آهي.

اڪشي ڪمار جي “رستم“ هڪ اهڙي نيوي آفيسر جي ڪهاڻي آهي جيڪو پنهنجي زال جي پريمي کي قتل ڪري ٿو ۽ مٿس ڪيس هلي ٿو. اڪشي ڪمار کانسواءِ ايلينا ڊي ڪروز ۽ ايشا گپتا به فلم جي ڪاسٽ ۾ شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*