هنڱورجا ۾ ناقص زرعي دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

hingoor

هنڱورجا ۾ ناقص زرعي دوائون وڪرو  ڪندڙن خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

آبادگارن محمد آچر حاجي ،فيض محمد سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته هنڱورجا رسول آباد ۽ ڪوٽڙي ڪبير ۾ نقلي زرعي دوائن جو آزار وڌي ويو آهي پر زراعت کاتو اگهور ننڊ ستل آهي.

هنن چيو ته زرعي دوائون استعمال ڪرڻ سان فصل سڙي وڃي ٿو، جنهن ڪري  آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان رسيو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*