وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، نادرا جي ريڪارڊ جي درستگي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي

chodry nisar

 وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، نادرا جي ريڪارڊ جي درستگي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي اهم کاتن ۾ انڌير نگري آهي، ڊرون حملن ۾ مارجي ويل هڪ شخص جو سڃاڻپ ڪارڊ به پاڪستان ۾ ٺهيو هو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته ملڪ ۾ ٽوٽل ساڍا 10 ڪروڙ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا، جن جي تصديق وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته سوا مهيني ۾ 3 ڪروڙ سڃاڻپ ڪارڊز جي تصديق ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 29 هزار پاسپورٽس به رد ڪيا ويا آهن.

چوڌري نثار چيو ته ملڪ جي اهم کاتن ۾ انڌير نگري هئي، 2004 ۾ ڊرون حملي ۾ مارجي ويل هڪ شخص جو سڃاڻپ ڪارڊ به پاڪستان ۾ ٺهيو.

هن چيو ته ملا اختر منصور جي سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق ڪرائي وئي ته گهڻا ئي راز کـُلي ويا.

چوڌري نثار قومي اسيمبلي ۾ تجويز ڏني ته نادرا جي رڪارڊ جي درستگي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*