نارٿ ڪراچي ۾ دلير گارڊ بينڪ ۾ ڌاڙي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي هڪ ڦورو کي سوگهو ڪري ورتو

north kachi gurd attack

نارٿ ڪراچي ۾ دلير گارڊ بينڪ ۾ ڌاڙي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي هڪ ڦورو کي سوگهو ڪري ورتو، جوابدار بينڪ جي گارڊ تي مرچن سان حملو ڪيو، بينائي متاثر ٿيڻ باوجود گارڊ جوابدار کي پڪڙي ورتو، پوليس جوابدار جي نشاندهيءَ تي وڌيڪ چئن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

نارٿ ڪراچي واري علائقي ۾ ڦورن هڪ نجي بئنڪ اندر داخل ٿي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

هڪ ڦورو سڪيورٽي گارڊ مٿان مرچن سان حملو ڪيو، جنهن تي گارڊ بينائي محروم ٿيڻ باوجود مڙسي ڪري هڪ ڦورو کي پڪڙي ورتو.

هڪ ڦورو سوگهو ٿيڻ کانپوءِ ٻيا جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ بئنڪ مان وڏي ڌاڙي جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي.

بئنڪ انتظاميا پڪڙيل ڦورو کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کان جاچ دوران نشاندهي تي وڌيڪ چئن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*