وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ سياسي ۽ عسڪري قيادت جي اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ صوبن کي سمورا وسيلا فراهم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي قانون مان خاميون ختم ڪرڻ سميت ٻيا اهم فيصلا ڪيا ويا آهن

pm ijlas khatm

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ سياسي ۽ عسڪري قيادت جي اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ صوبن کي سمورا وسيلا فراهم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي قانون مان خاميون ختم ڪرڻ سميت ٻيا                                                                                                          اهم فيصلا ڪيا ويا آهن.

پـِي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت سياسي ۽ عسڪري قيادت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، قومي سلامتي بابت صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ ناصر جنجوعا، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ ڳجهن ادارن جي سربراهن سميت ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪوئيٽا سانحي کانپوءِ واري صورتحال ۽ قومي ايڪشن پلان جي 20 نقطن تي عملدرآمد سميت ٻين معاملن تي تفصيلي سان ويچاريو ويو.

ذريعن موجب وزيراعظم نواز شريف کي ڪوئيٽا سانحي جي جاچ ۾ انٽيليجنس ادارن پاران هيل تائين ٿيل اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪومبنگ آپريشن جو دائرو سڄي ملڪ تائين وڌايو ويندو ۽ سڪيورٽي ادارن کي ڪنهن به هنڌ تي ڇاپا هڻڻ جا اختيار هوندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبن سان انٽيليجنس مڪينزم وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ صوبائي اپيڪس ڪميشن کي فعال بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري قانون مان خاميون ختم ڪرڻ لاءِ ترميم ڪئي ويندي، جڏهن ته جوابدارن کي 90 ڏينهن حراست ۾ رکڻ واري قانون ۾ به ترميم جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن اهو به ٻڌايو ته مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ عالمي اڳواڻن جو اجلاس طلب ڪيو ويندو، جنهن ۾ حڪومتي شخصيتن جي به شرڪت جو امڪان آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*