خانواهڻ جي ڳوٺ الهه وسايو انڙ ۾ 10 ورهين جي نينگري سان مبينا جنسي ڏاڍائي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل

kandiyaro rape

خانواهڻ جي ڳوٺ الهه وسايو انڙ ۾ 10 ورهين جي نينگري سان مبينا جنسي ڏاڍائي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪري 7 ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪري ورتو آهي.

ڳوٺ الهه وسايو انڙ ۾ گذريل ڏينهن وحشي صفت جوابدار رفيق احمد پٽ احسان ڪونڌر سندن ئي گهر ۾ ڪم ڪندڙ 10 ورهين جي نينگري سان مبينا طور تي جنسي ڏاڍائي ڪري تشدد جو نشانو بڻايو.

خانواهڻ پوليس جوابدار خلاف  376 ون وومين ايڪٽ، دهشتگردي ايڪٽ ۽ لڄالٽ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جوابدار کي گذريل رات ئي گرفتار ڪري ورتو هو ۽ ڪيس داخل ٿيڻ بعد کيس نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو.

دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جوابدار رفيق ڪونڌر کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ٻي طرف لڄالٽ جو نشانو بڻيل نينگري جو ڪنڊيارو جي اسپتال ۾ علاج  هلندڙ آهي.

نينگري جي امڙ جو چوڻ آهي ته سندس نياڻي جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، هُو غريب آهي ۽ سرڪار نياڻي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪري سندس حياتي بچائي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*