ڪنڊيارو ويجهو ڪار ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت ۽ نينگر فوت ۽ ٽرالر ڊرائيور سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

tando fout

ڪنڊيارو ويجهو ڪار ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت ۽ نينگر فوت ۽ ٽرالر ڊرائيور سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٽنڊو محمد خان ڀرسان ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

ڪنڊيارو ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪار ۽ ٽرالر ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت ۽ هڪ معصوم نينگر فوت ٿي ويا.

حادثي جي نتيجي ۾ ٽرالر ڊرائيور سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا،  جن کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ٽنڊي محمد خان ويجهو حيدرآباد روڊ تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت نصرت ابڙو ٿڏي تي فوت ٿي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان ارباب ابڙو زخمي ٿي پيا، جنهن بعد فوتي عورت جو لاش ۽ زخمي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*