ڪراچي جي ڪورنگي بروڪس چورنگي واري علائقي فيڪٽري کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو، فائر برگيڊ عملو ڪولنگ واري عمل ۾ رڌل
ڪراچي جي ڪورنگي بروڪس چورنگي واري علائقي فيڪٽري کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو، فائر برگيڊ عملو ڪولنگ واري عمل ۾ رڌل آهي.
ڪورنگي بروڪس چورنگي ڀرسان فيڪٽري کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪروڙين رپين جو سامان سڙي ويو.
اطلاع تي فائر برگيڊ جي 2 گاڏين باهه وسائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، پر 3 ڪلاڪ گذرڻ باوجود باهه تي ضابطو نه آيو.
انتظاميا موجب، فيڪٽري کي لڳل باهه تي ضابطي لاءِ فائر برگيڊ جون وڌيڪ گاڏيون طلب ڪيون ويون، جن باهه وسائي ورتي.
فائر برگيڊ عملي موجب، فيڪٽري کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو، ڪولنگ واري عمل جاري آهي……..