ڪراچي جَي مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس جي ٽارگيٽڊ ڪاررواين دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا

Rangers-11816

ڪراچي جَي مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس جي ٽارگيٽڊ ڪاررواين دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، ڊاڪٽر پريتم داس جي قتل ۾ ملوث جوابدار سميت 11 مبينا ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، رينجرز ترجمان چيو آهي ته منگهوپير ۾ مارجي ويل دهشتگردن 14 آگسٽ تي  ڪراچي ۾ دهشتگردي جو منصوبو جوڙيو هو.

رينجرز ترجمان موجب منگهوپير ۽ ڀيم پوره ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران مقابلو ٿي پيو.

رينجرز اهلڪارن جي جوابي ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ 4 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان مختلف قسم جا هٿيار هٿ ڪيا ويا.

ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن 14 آگسٽ تي دهشتگردي جو وڏو منصوبو جوڙيو هو، جنهن کي ناڪام بڻايو ويو.

رينجرز موجب ڀيم پوره ۾ به سرچ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا.

هوڏانهن پوليس بلديه غازي، پير آباد، پاڪ ڪالوني ۽ ڊفينس ۾ پوليس ڪارروائين دوران  9 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب پاڪ ڪالوني ۾ ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل جوابدارن وٽان ڊاڪٽر پريتم داس جو پرس هٿ آيو ، جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪ ڪالوني ڪلينڪ تي حملو ڪري قتل ڪيو ويو هو.

پوليس موجب نصرت ڀٽو ڪالوني ڀرپاسي جن علائقن ۾ به ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي ٽارگيٽڊ ڪارروايون ڪيون ويون، جنهن دوران ڪجهه شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*