ڪوئيٽا ڌماڪي کانپوءِ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي هدايتن تي ڪوئيٽا ۾ به ڪومبنگ آپريشن شرروع ٿي ويو

Fc-Balochistan-27-7

ڪوئيٽا ڌماڪي کانپوءِ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي هدايتن تي ڪوئيٽا ۾ به ڪومبنگ آپريشن شرروع ٿي ويو آهي.

آءِ ايس پي آر  جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪوئيٽا سول اسپتال تي آپگهاتي حملي کانپوءِ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ فورسز ڪومبنگ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب فورسز پاران آپريشن شروع ٿيڻ بعد مختلف علائقن ۾ ڪارروايون پڻ ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب ڪومبنگ آپريشن ۾ انٽيليجنس ادارن کان علاوه ايف سي ۽ پوليس جا اهلڪار به حصو وٺي رهيا آهن.

واضع رهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس دوران ڪومبنگ آپريشن شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*