سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اقليتن جو عالمي ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اقليتي برادري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي

Murad-Ali-Shah-8816

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اقليتن جو عالمي ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اقليتي برادري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي خوشحالي ۾ اقليتي برادري جو اهم ڪردار آهي، جنهن کي فراموش نٿو ڪري سگهجي.

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اڄ اقليتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ان حوالي سان مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي تقريبون ڪوٺايون وينديون.

تقريبن دوران اقليتن جي حقن تي روشني وڌي ويندي ۽ سندن ڪيل خدمتن کي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي ويندي.

اقليتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

وڏي وزير چيو ته سنڌ جي خوشحالي ۾ اقليتي برادري جو اهم ڪردار آهي، جنهن کي فراموش نٿو ڪري سگهجي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*