وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت سياسي ۽ عسڪري قيادت جو اجلاس اڄ ٻيهر ٿي رهيو آهي

pm ijlas khatm

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت سياسي ۽ عسڪري قيادت جو  اجلاس اڄ ٻيهر ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ دهشتگردن ۽ ان جي همدردن خلاف صوبن جي سطح تي ڪارروايون تيز ڪرڻ تي مشاورت ۽ عملي قدم کڻڻ سميت اهم فيصلا  ڪيا ويندا.

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ قومي ايڪشن پلان تي اجلاس جو ٻيو دور اڄ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو، جنهن ۾آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ ڳجهن ادارن جا سربراهه شرڪت ڪندا.

ذريعن موجب اجلاس ۾ گذريل ڏينهن رهجي ويل نقطن تي غور ويچار بعد دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڌيڪ اهم نقطن تي به غور ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ آپريشن ضرب عضب ۽ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت بريفنگ ڏني ويندي، جڏهن ته دهشتگردن ۽ ان جي همدردن خلاف صوبن جي سطح تي ڪارروايون تيز ڪرڻ لاءِ مشاورت ۽ عملي قدم کڻڻ جا به فيصلا ٿيڻ جو امڪان  آهي.

گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ انٽيليجنس مڪينزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ مختلف قدمن جي منظوري ڏني وئي هئي، اڄ ان حوالي سان وڌيڪ فيصلا ٿيڻ جو به امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*