ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ چئن پوليس اهلڪارن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

quetta blst

ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ چئن پوليس اهلڪارن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ڌماڪي کان ڪجهه وقت اڳ وفاقي شرعي عدالت جو جج، جسٽس ظهور احمد شهواڻي گذري رهيو هو، جيڪو محفوظ رهيو.

ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي سرياب فلائي اوور وت زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ چئن پوليس اهلڪارن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، جڏهن ته ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي گاڏين کي نقصان پڻ پهتو.

 ڌماڪي کانپوءِ ايف سي ۽ پوليس موقعي تي پهچي علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو ۽ واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 3 کان 4 ڪلوگرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو ۽ ڌماڪيدار مواد رستي تي نصب ڪيو ويو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت وفاقي شرعي عدالت جو جج، جسٽس ظهور شهواڻي گذري رهيو هو، جيڪو ڌماڪي ۾ محفوظ رهيو.

واضح رهي ته ڪوئيٽا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ سول اسپتال ٻاهران ڌماڪو ٿيو هو، جنهن ۾ ميڊيا جي نمائندن سميت 73 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*