بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ دهشتگرد ڪارروايون 14 آگسٽ جي تيارين جي نقصان پهچائڻ جي سازش آهي

blast

بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ دهشتگرد ڪارروايون 14 آگسٽ جي تيارين جي نقصان پهچائڻ جي سازش آهي، شهر ۾ سڪيورٽي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي واري هنڌ جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز بـُگٽي چيو ته ڌماڪي ۾ پوليس جي گاڏيءَ کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڌماڪي ۾ 3 کان 4 ڪلوگرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو.

هن چيو ته دهشتگرد بزدلاڻين ڪارروائي سان سندن حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، دهشتگردي جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون.

سرفراز بگٽي چيو ته دهشتگرد ڌماڪا ڪري 14 آگسٽ جي تيارين کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، ڪوئيٽا سميت سموري صوبي ۾ سڪيورٽي وڌيڪ بهتر بڻائي ويندي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*