سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اقليتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي ٽـِرِنـِٽي چرچ پهچي قومي جهنڊو ڦڙڪائي ملڪي سلامتي لاءِ خاص دعائون گهريون

cm mandir

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اقليتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي ٽـِرِنـِٽي چرچ پهچي قومي جهنڊو ڦڙڪائي ملڪي سلامتي لاءِ خاص دعائون گهريون.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي  جي صدر واري علائقي ۾ گردواري ۽ هڪ مندر پهچي اقليتي برادري جي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

سي ايم هائوس جي ترجمان موجب، مراد علي شاهه اقليتن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته تقريب ۾ ڊرم وڄائي سندس آجيان ڪئي وئي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته چرچ ۾ ڪوئيٽا سانحي جي شهيدن کي ثواب ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ لاءِ خاص دعا گهري وئي.

تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته، اقليتي برادري جو سنڌ جي خوشحالي ۾ جو اهم ڪردار آهي.

هن چيو ته حڪومت اقليتي برادري سان هر محاذ تي گڏ آهي، کين سرڪاري نوڪرين سميت ٻيون مراعتون ڏنيون پيون وڃن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*