برازيل جي شهر ريو ڊي جنيرو ۾ جاري 31 هين اولمپڪ گيمز ۾ آمريڪي جٿي مجموعي طور تي 11 گولڊ ميڊل حاصل ڪري پهرين پوزيشن تي موجود

Rio-2016-11816

برازيل جي شهر ريو ڊي جنيرو ۾ جاري 31 هين اولمپڪ گيمز ۾ آمريڪي جٿي مجموعي طور تي 11 گولڊ ميڊل حاصل ڪري پهرين پوزيشن تي موجود آهي، چين 10 گولڊ ميڊل سان گڏ ٻي ، جڏهن ته جاپان 6 گولڊ ميڊلز سان گڏ ٽين پوزيشن تي آهي.

برازيل جي شهر ريو ڊي جنيرو ۾ ميگا ايونٽ ۾ آمريڪي رانديگرن ۽ رانديگرياڻي شاندار ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندي پنجين ڏينهن پڄاڻي تي مجموعي طور تي 32 ميڊلز حاصل ڪري پهرين پوزيشن تي آهي،جنهن ۾ 11 گولڊ، 11، چاندي ۽10 پتل جا ميڊل حاصل ڪيا.

چين مجموعي طور تي 23 ميڊلز حاصل ڪري ٻين پوزيشن تي آهي،جنهن ۾ 10 گولڊ، 5 چاندي ۽8 پتل جا ميڊلز حاصل ڪيا.

جاپان مجموعي طور تي 18 ميڊلز ماڻي ٽِين پوزيشن تي آهي،جنهن ۾ 6 گولڊ، هڪ چاندي ۽11پتل جا ميڊل شامل آهن.

آسٽريليا مجموعي طور تي 11 ميڊلز حاصل ڪري چوٿين پوزيشن تي آهي، جنهن ۾ 5 گولڊ، 2 چاندي ۽5 پتل جا ميڊلز شامل آهن.

هنگري مجموعي طور تي 7 ميڊلز سان گڏ پنجين پوزيشن تي آهي،جنهن ۾5گولڊ ، هڪ چاندي ۽هڪ پتل جو ميڊل شامل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*