قومي ٽيم سيريز کي برابر ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿي ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته آخري ٽِيسٽ ۾ ميچ ۾ کين فتح ملندي, پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق

Misbah-11816

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي قومي ٽيم سيريز کي برابر ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿي ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته آخري ٽِيسٽ ۾ ميچ ۾ کين فتح ملندي.

انگلينڊ جي شهر لنڊن جي گرائونڊ اوول ۾ چوٿين ۽ آخري ٽِيسٽ ميچ کان پهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو ته سيريز جي آخري ٽِيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪبي، جيئن سيريز کي برابر ڪري سگهجي.

هن وڌيڪ چيوته ميزبان کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي برتري حاصل آهي، جنهن سبب هو چوٿين ٽِيسٽ ميچ ۾ وڏي اعتماد سان ميدان ۾ لهندا پري آخري ٽيسٽ ۾ ڪاميابي سندس لاءِ ٽيم لاءِ ضروري آهي.

هن چيو ته گذريل ٽنهي ٽيسٽ ميچز ۾ مجموعي طور تي بيٽنگ ناڪام رهي ،جنهن سبب ٽيم کي شڪست نصيب ٿي آهي پر هو سمجهي ٿو ته سيريز جي چوٿين ٽيسٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن رانديگرن کي احساس هوندو، جئين فتح ماڻي سيريز کي برابر ڪري سگهجي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم گذريل 20 ورهين ۾ انگلش سرزمين تي ڪابه ٽيسٽ سيريز نه کٽي آهي ۽ آخري ڀيرو قومي ٽيم ايشيا کان ٻاهر ڇهه سال اڳ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪئي هئي.

اوول جي ميدان تي پاڪستان انگلينڊ خلاف ست ٽِيسٽ ميچز کيڏيون آهي، جن مان کين چئن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي.

واضح رهي ته چار ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ ميزبان انگلينڊ کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي برتري حاصل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*