پنو عاقل واسي نوجوان وقاص عباسي امريڪا ۾ ٿيندڙ مائڪرو سافٽ اسپيشلسٽ ورلڊ چيمپئن شپ 2016 ع ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي

waqas

پنو عاقل  واسي نوجوان وقاص عباسي امريڪا ۾ ٿيندڙ مائڪرو سافٽ اسپيشلسٽ ورلڊ چيمپئن شپ 2016 ع  ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، ڪامپٽيشن ۾ 45 ملڪن جي 123 شاگردن حصو ورتو.

ميرپور ماٿيلو جي ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري جي هاءِ اسڪول جي شاگرد نوجوان وقاص عباسي امريڪا ۾ ٿيندڙ مائڪرو سافٽ اسپيشلسٽ ورلڊ ڪامپيٽيشن 2016 ع  ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.

 نوجوان وقاص عباسي 2013ع ۾ به امريڪا ۾ ٿيندڙ مائڪرو سافٽ ورلڊ ڪامپيٽيشن ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي هئي.

ميرپور ماٿيلي جي ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري جي هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ نوجوان وقاص عباسي مائڪرو سافٽ اسپيشلسٽ ورلڊ ڪامپٽيشن انائونس ٿيڻ بعد اپلائي ڪيو ته کيس ٻيهر آمريڪا گهرايو ويو.

واضح رهي ته نوجوان وقاص کي 2013ع ۾ مائڪرو سافٽ ورلڊ چيمپئين شپ ۾ پوزيشن حاصل ڪرڻ تي هانگ ڪانگ جي يونيورسٽي سڪالرشپ تي  تعليم حاصل ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*