سنڌ جي صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ صنعت کاتي جي 11 سئو ايڪڙ زمين تي قبضو آهي

khi manzor

سنڌ جي صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ صنعت کاتي جي 11 سئو ايڪڙ زمين تي قبضو آهي، نوري آباد ۽ سپر هاءِ وي تي چائنا ڪٽنگ جي جاچ لاءِ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

ڪراچي ۾ صنعت ۽  واپار واري صوبائي وزير منظور وساڻ جي صدارت هيٺ سنڌ  انڊسٽريز ٽريڊنگ اسٽيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته صنعت کاتي جي 11 سئو ايڪڙ تي قبضو ٿيل آهي، لينڊ مافيا خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته نوري آباد ۽ سپر هاءِ وي تي چائنا ڪٽنگ جي جاچ لاءِ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

منظور وساڻ چيو ته زمين صحيح سيڙپڪارن کي ڏني وڃي، سمورن آفيسرن کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.

هن وڌيڪ چيو ته  زمين جي غلط الاٽمينٽ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪوتاهي جي گنجائش نه آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*