ڪراچي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، 12 مئي 2007 ۾ وڳوڙ پکيڙڻ وارن 3 ڪيسن ۾ ڪراچي لاءِ ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر وسيم اختر کي 26 آگسٽ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

waseem mqm

ڪراچي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، 12 مئي 2007 ۾ وڳوڙ پکيڙڻ وارن 3 ڪيسن ۾ ڪراچي لاءِ ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر وسيم اختر کي 26 آگسٽ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪراچي لاءِ نامزد ايم ڪيو ايم جي ميئر وسيم اختر خلاف 3 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.

ڪوئيٽا سانحي خلاف وڪيلن احتجاج تي هئڻ سبب وسيم اختر جو وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت وسيم اختر کي 26 آگسٽ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته وسيم اختر خلاف ملير سٽي، سچل  ۽ برگيڊ ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*