ڪي ٽي بندر جي کوڀر ڪريڪ وٽ سمنڊ ۾ هوڙو اونڌو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻڏي ويل پنجن مهاڻن مان چئن ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هڪ جي ڳولا جاري

Mahagir-Gum-Thatta-11816

ڪي ٽي بندر جي کوڀر ڪريڪ وٽ سمنڊ ۾ هوڙو اونڌو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻڏي ويل پنجن مهاڻن مان چئن ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هڪ جي ڳولا جاري آهي.

کوڀر ڪريڪ وٽ سمنڊ ۾ 2 ڏينهن اڳ هوڙو اونڌو ٿيڻ سبب ٻڏي ويل پنجن مهاڻن مان محمد نواز ڪاتيار يامين ڪاتيار، اسماعيل ڪاتيار ۽ صدام ڪڙمو جا لاش هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻي مرتضيٰ ڪاتيار جي ڳولا جاري آهي.

فشر فوڪ فورم جي اڳواڻن جو چوڻ آهي  ته مقامي ملاحن ۽ نيوي وي جي ريسڪيو ٽيم پاران وڌيڪ هڪ ڄڻي جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

     واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ سمنڊ ۾ مڇي مارڻ لاءِ ويل کارو ڇاڻ جي رهواسي مهاڻن  جو کوڀر ڪريڪ وٽ هوڙو انڌو ٿيڻ سبب 12 ڄڻا ٻڏي ويا هئا، جن مان ستن ڄڻن کي بچايو ويو هو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*