جشن آزادي جي موقعي تي خصوصي طور تيار ڪيل آزادي ٽرين جو ڪراچي ڏانهن سفر روان دوان آهي

Azadi-Tain-11816

جشن آزادي جي موقعي تي خصوصي طور تيار ڪيل آزادي ٽرين جو ڪراچي ڏانهن سفر روان دوان آهي، خصوصي ٽرين جي ذريعي چئني صوبن جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ريلوي ۽ سڌ سماءَ واري وزارت پاران خصوصي طور تيار ڪيل آزادي ٽرين اسلام آباد مان ڪراچي لاءِ سفر شروع ڪيو، ان موقعي تي ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وفاقي وزير پرويز رشيد ۽ جي ايم ريلوي به موجود هئا.

Azadi-Tain-2-11816

آزادي ٽرين کي قومي جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي ۽ خصوصي ٽرين ۾ چئني صوبن جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو آهي.

وفاقي وزير خواجه سعد رفيق سان گڏ آزادي ٽرين جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته آزادي ٽرين ملي يڪجهتي جي علامت آهي، آزادي ٽرين جي ذريعي پاڪستان جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي عڪاسي ڪئي وئي آهي.

Azadi-Tain-1-11816

پرويز رشيد چيو ته آزادي ٽرين شاگردن جي ڄاڻ ۾ واڌ ڪندي ۽ ٽرين جي ذريعي پاڪستان جي ڪاميابين کان آگاهه ڪيو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*